پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ نادرا عملي خلاف بدين جي رهواسين جو احتجاج

ڊگهڙي: ڊگهڙي ڀرسان امن آباد ضلعي بدين جي رهواسين طالب حسين جروار، سليم خاتون ۽ پيراڻي جروار پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائڻ لا گذريل ڪافي ڏينهن کان نادرا آفيس ڊگهڙي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، اسان کي ٽوڪن جاري ڪيو وڃي ٿو، پر شام تائين نمبر نٿو اچي ۽ مايوس ٿي واپس گهر موٽڻو پوي ٿو، من پسند ۽ سفارش تي ماڻھن جا سڃاڻپ ڪارڊ تيار ڪيا وڃن ٿا، بي پهچ ماڻھو دربدر آهن. هنن گهر ڪئي ته نادرا عملي خلاف ڪارروائي ڪري ڪارڊ ٺهرائي ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button