پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو ڪيس ۾ ايم پي اي نه مدعي سان گڏ آهيون:سعيد غني

ڪراچي :سنڌ جي اطلاعات، محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت ناظم جوکيو قتل ڪيس جي مدعي افضل جوکيو سان رابطي ۾ آهي، انهن کان پڇيو آهي ته ڪير ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اوهين ٻڌايو اسان ڪارروائي ڪنداسين. اسين پنهنجي ايم پي اي نه پر مدعي سان گڏ بيٺا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار سعيد غني اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته اسان پهرين ڏينهن ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺي آهي. پي ٽي آئي ان تي سياست ڪري رهي آهي انهن جو ڪردار ان وقت ڪٿي هو جڏهن پي ٽي آئي جي امين گنڊاپور اسرار گنڊاپور کي قتل ڪرايو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ پاسي اپوزيشن جماعتون گجر نالي جي متاثرن جي ڳالھه ڪنديون آهن ٻئي پاسي پيپلز پارٽي ايم پي ايز جي قرارداد جي مخالفت ڪندي آهي. اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ سنڌ حڪومت کي چيو ويو آهي ته اهڙو قانون بڻايو وڃي جنهن سان قانون شڪني کي روڪيو وڃي ۽ اهڙي عمارتن کي ريگيولرائيز ڪيو وڃي. پپيلز پارٽي جي ايم پي اي هڪ قرارداد جي ذريعي سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته نسلا ٽاور سميت اهڙيون سوين عمارتون جيڪي پوري سنڌ ۾ آهن انهن کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ ان قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪي به غير قانوني عمارتون بڻجي چڪيون آهن انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. سعيد غني چيو ته اپوزيشن ان قرارداد جي مخالفت فقط ان ڪري ڪئي آهي جو اها پيپلز پارٽي پيش ڪئي. هن چيو ته اپوزيش يا ته بيهي اهو چئي ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ عمارتن جي معاملي ۾ جيڪا به ننڍي وڏي وائليشن ٿي آهي انهن سمورين کي ڪيرايو وڃي ۽ ماڻهن کي بي گھر ڪيو. هن چيو ته اڄ جي قرارداد ۾ اسان انهن سمورن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشس ڪئي جن جي مٿان تلوار لٽڪي رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اڄ به اٿي ان قرارداد جي مخالف ڪري رهي هئي. جڏهن ته ٽي پي ٽو جيڪي منهنجي حلقي ۾ آهي ۽ جنهن وقت ايم ڪيو ايم جو پنهنجو وزير محمد حسين ان تي قبضو ڪرائي رهيو هو ته مان ان وقت يو سي ناظم هيس مون سٽي ڪائونسل ۾ ان جي خلاف آواز به اٿاريو ته مون کي مارڪٽ ڪئي وئي ۽ منهنجي گاڏي تي فائرنگ به ڪرائي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هن شهر ۾ پارڪس، گرائونڊ، رستن ۽ نالن تي چائنا ڪٽنگ جي روايت ايم ڪيو ايم وڌي آهي ۽ اڄ اهي اٿي بيهي ان کي زيادتي چئي رهيا آهن. سعيد غني چيو ته اسان هن قانون جي تحت ماڻهن کي قانون جي مطابق تحفظ فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا هن چيو ته صوبي ۾ هزارين اهڙيون عمارتون آهن جتي ڪجهھ نه ڪجھه قانون کان هٽي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ آباد ماڻهن جي سر تي تلوار لٽڪي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ميمبر قرارداد پڙهي وٺن ها ته هڪ به ميمبر ان جي مخالفت نه ڪري ها. گجر نالي جي متاثرن جي بحالي جي لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ ۽ سنڌ ڪابينا اعلان ڪيو هو ته انهن کي متبادل جاءِ فراهم ڪئي ويندي انهن جي آبادڪاري ڪئي ويندي ۽ اسان ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي ته هو اسان کي بحريه ٽائون جا پئسا جيڪي اصل ۾ سنڌ جا آهن ان مان 10 ارب روپيا ڏئي ته اسان انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيون. پر معزز عدالت اسان جي اها درخاوست رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ وفاق سان گڏ بڻايل ڪميٽي ٻن سالن جي انهن متاثرن کي ڪرايو ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان متاثرن لاءِ گھڻو ڪجھ ڪرڻ چاهيون ٿا پر اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي. سعيد غني چيو ته جيڪي ماڻهون ان غير قانوني تعميرات ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button