پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ قتل ڪيل همراهه جي سرهاڙي ۾ قبرڪشائي

سرھاڙي: نوابشاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد افضال شاهه ڪالوني ۾ 2 مهينا اڳ پنهنجي گهر اندر مبينا گوليون هڻي قتل ڪيل سرهاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ليمون خان رند جي معزز شخصيت مرحوم قلندر بخش رند جي قبر ڪشائي لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ شهدادپور شفيق احمد کرل جي موجودگي ۾ نوابشاهه ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم جي انچارج ذوالفقار علي شاهاڻي، ايڊيشنل ايس ايڇ او، بي سيڪشن ٿاڻي جي انڪواري آفيسر سهيل پٺاڻ ۽ ايس ايڇ او سرهاڙي تنظيم حسين وڳڻ جي اڳواڻي ۾ قبرڪشائي ڪئي وئي، ميڊيڪل ٽيم مرحوم قلندر بخش رند جي لاش جا جزا ورتا. ياد رهي گهر اندر پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيل قلندر بخش جي واقعي کي خودڪشي ڄاڻايو ويو هو، پر پوليس مقتول جي ڊرائيور محمد علي بروهي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ بعد پريس ڪانفرس ڪندي ٻڌايو هو ته مقتول کي سندس ڊرائيور پئسن جي لالچ ۾ اچي قتل ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button