پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ کٽياڻ شاخ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. خبر موجب ٽنڊو جان محمد ۾ کٽياڻ شاخ ۽ ٽنڊو مائينر جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن جي من مانين خلاف قاضي پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايف او چيئرمين رحيم بخش ساند، ڊاڪٽر دين محمد ساند، عبدالطيف بلوچ، ظفرالله بروهي، عبدالواحد آرائين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته کٽياڻ شاخ ۽ ٽنڊو مائينر جي آبادگارن پاڻي جا وارا ماري اسان جا زوري واٽر بند ڪري آبپاشي کاتي جا عملدار شھر جي واٽر سپلا کي پاڻي ڏين ٿا، ڀلي شھرين کي پاڻي ڏيو پر آبادگارن جو ته پاڻي بند نه ڪريو. ڪڻڪ جي پوکي ۾ هڪ مهينو بچيو آھي ۽ اسان کي چيو پيو وڃي ته پاڻي 21 ڏينهن بعد ملندو، جيڪا آبادگارن سان سراسر ناانصافي آھي. هنن آبپاشي کاتي جي عملدارن کي خبردار ڪيو ته جمعي تائين کٽياڻ شاخ ۽ ٽنڊو مائينر ۾ پاڻي نه ڇڏو ويو ته جمعي ڏينهن آبادگار واهه دروازا پاڻ کولي پنهنجي حق جو پاڻي وٺندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button