پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاج، بائيڪاٽ جاري

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ ويڪسينٽرن جا مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ليڊي هيلٿ ورڪرن ارڙي ۽ روبيلا خلاف وئڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪري تعلقي اسپتال اڳيان صغرى خاصخيلي، ليڊي هيلٿ سپروائيزر جنت قبمراڻي، بچان دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته سنڌ جا 336 ويڪسينيٽر پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لا مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت سندن مسئلا حل نٿي ڪري. هنن چيو ته ڪرونا کان بچا جي وئڪسين ۽ پوليو مهم سميت انساني جانيون بچائڻ لا ويڪسينيٽر ۽ هيلٿ ورڪرز سدائين ميدان عمل ۾ هوندا آهن، پر کين پنهنجا جائز حق نٿا ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button