پاڪستانسنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ ناظم جوکيو معاملي تي هنگامو،اپوزيشن جو گوڙ

ڪراچي :سنڌ اسيمبلي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيل اڏاوتن کي ڊاهڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪندي چيو آهي ته انساني همدردي جي ناتي اهي سڀ عمارتون جيڪي فلاحي پلاٽن تي ٺهيل ناهن يا پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪاوٽ نٿيون بڻجن، انهن کي ڊاهڻ بدران قانون سازي ذريعي پڪو ڪيو وڃي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي ندا کهڙو پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ نسلا ٽاور جو نالو کڻڻ بنا چيو ويو ته انهن اڏاوتن جي ڊهڻ سان ماڻهو بي گهر ٿيندا ۽ انهن کي تڪليف پهچندي. ان ڪري سنڌ سرڪار قانون سازي ذريعي سڄي سنڌ اندر اهڙين عمارتن ۽ اڏاوتن کي پڪو ڪري. پ پ پاران پيش ڪيل اهڙي ٺهراءُ تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن تي ٿيل قبضن کي قانوني شڪل ڏيڻ چاهي ٿي، سنڌ اسيمبلي کي ان مقصد لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن مقتول ناظم جوکيو جي معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي سيٽن تي اٿي بيٺا. اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ حليم عادل شيخ پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ چيو ته اسان ناظم جوکئي جي معاملي تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا، اڄ اوهان جو پرائيويٽ ميمبر ڊي آهي. حليم عادل شيخ کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. پي ٽي آئي ميمبرن جي هٿن ۾ بينر هئا، اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تي اٿي بيهي احتجاج ڪيو. انهن گهر ڪئي ته اسان جو ٺهراءُ ورتو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته مان اوهان جي ڳالهه نه ٻڌنديس، اوهان ماڻهو سنجيده نه آهيو مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هتي ڊڪٽِيشن نه هلندي، هي وفاقي حڪومت نه آهي جو هتي ڊڪٽيشن هلي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button