پاڪستانسنڌ

ايم پي اي ڄام اويس سميت 6 جوابدار عدالت ۾ پيش،ريمانڊ ۾ واڌ

ڪراچي:جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي جسماني ريمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. مدعي جي وڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ جا قلم شامل ڪرڻ ۽ ميمڻ ڳوٺ جي ايس ايڇ او جي موبائيل جي فرانزڪ ڪرائڻ لاءِ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون. اڱاري تي ملير ڪورٽ ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي شنوائي ٿي. پوليس ريمارنڊ مڪمل ٿيڻ تي ايم پي اي ڄام اويس سميت 6 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس ڪيس ۾ ثبوت لڪائڻ جا قلم وڌائي ڇڏيا. ڪيس ۾ اغوا جو قلم پهرين ڏينهن ئي شامل ٿي چڪو آهي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته روپوش جوابدارن بابت جاچ لاءِ جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. عدالت جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪندي شنوائي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته ناظم جوکيو جو سڙيل موبائيل فون ۽ ڪپڙا هٿ ڪري فرانزڪ لاءِ اماڻيا ويا آهن. ڪيس جي مدعي ٻڌايو ته ناظم جوکيو جا ڪپڙا ۽ موبائل جي تصديق اسان کان ناهي ڪرائي وئي. مدعي جي وڪيل موقف ڏنو ته اسان ثبوت ملڻ وقت مدعي ۽ وڪيل اتي موجود نه هئا. ڪيس جي مدعي پاران ميمڻ ڳوٺ جي ايس ايڇ او جي موبائيل جي فرانزڪ ڪرائڻ لا درخواست داخل ڪئي وئي. مدعي جي وڪيل موقف ڏنو ته ميمڻ ڳوٺ جي ايس ايڇ او جي موبائيل جو فرانزڪ ڪرايو وڃي ايس ايڇ او جوابدارن سان رابطي ۾ آهي. مدعي جي وڪيل پاران ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ جا قلم شامل ڪرڻ جي به درخواست داخل ڪري ڇڏي. مدعي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته واقعي سان سڄي ملڪ ۾ دهشت پکڙجي وئي آهي. واقعي سان سنڌ اسيمبلي جي وقار کي به نقصان ٿيو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ جا قلم شامل ڪيا وڃن. ڪيس جي مدعي پاران دهشتگردي ٽوڙ جا قلم شامل ڪرڻ جي درخواست تي ايندڙ شنوائي تي دليل ڏنا ويندا. ٻئي پاسي جوابدر ڄام اويس جي پيشي جي موقعي تي وڪيلن سخت نعريبازي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button