اسلام آبادپاڪستان

جسٽس جمال مندوخيل به بئنچ کان ڌار ٿي ويو،فل ڪورٽ ٺاهڻ جي اپيل رد

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي شنوائي دوران اٽارني جنرل جي فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست في الحال رد ڪندي شنوائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس جمال خان مندوخيل به بئنچ ۾شموليت کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته اميد آهي ته سومر جو سج چڱي خبر کڻي لهي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي شنوائي جاري آهي ۽ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. ان دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل ڏنا ۽ عدالت عظميٰ کي ان معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ لاءِ سمورن ججن جي موجودگي آسان ناهي هوندي، معمول جا ڪيس به متاثر ٿيندا آهن، گذريل هفتي ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ لاهور ۾ بئنچ هئا، ايندڙ هفتي لاهور ۾ به بئنچ آهي. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جي فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست في الحال رد ڪري ڇڏي ۽ شنوائي سومر جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي ٻيهر شروع ٿيندي ئي جسٽس جمال خان مندوخيل به شنوائي کان انڪار ڪري ڇڏيو. جمعي تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب اوهان کان اڳ جسٽس جمال مندوخيل ڪجهه چوڻ چاهي ٿو. جسٽس جمال خان مندوخيل بئنچ ۾شموليت کان انڪار ڪندي چيو ته جسٽس امين الدين خان جي بئنچ کان الڳ ٿيڻ جي فيصلي کان پوءِ حڪم نامي جو انتظار هو. هن چيو ته مون کي عدالتي حڪم نامو گذريل ڏينهن گهر ۾ مليو، حڪم نامي تي مون الڳ نوٽ لکيو آهي. جسٽس جمال خان چيو ته مان بئنچ جو ميمبر هيس جڏهن ته مون سان مشاورت نه ڪئي وئي تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته مان بئنچ ۾ مس فٽ آهيان. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته دعا آهي ته هن ڪيس ۾ جيڪا به بئنچ هجي، اهڙو فيصلو اچي جيڪو سڀني کي قبول هجي. هن چيو ته الله اسان جي اداري تي رحم ڪري مان ۽ منهنجا سمورا ساٿي جج آئين جا پابند آهن. ان موقعي تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس جمال مندوخيل کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اوهان جي وڏي مهرباني بئنچ جوڙڻ جو جيڪو به فيصلو ٿيندو عدالت ۾ ٻڌايو ويندو. اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست جي گذريل ڏينهن جي شنوائي جي حڪم نامي ۾ جسٽس جمال مندوخيل الڳ کان اختلافي نوٽ لکي ڇڏيو. اختلافي نوٽ ۾ جسٽس جمال مندوخيل پاران چيو ويو ته حڪم نامو کلي عدالت ۾ ناهي لکرايو ويو، اختلافي نوٽ ۾ جسٽس جمال مندوخيل گهر ڪئي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جو کلي عدالت ۾ جائزو ورتو وڃي. سپريم ڪورٽ التوا جي ڪيس جي گذريل ڏينهن جي شنوائي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪم نامي مطابق بئنچ جا 3 ميمبر جسٽس امين الدين جي موقف سان اختلاف رکن ٿا. سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته جسٽس امين الدين پنهنجي فيصلي جي روشني ۾ شنوائي جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر مطابق شنوائي جاري رکي سگهجي ٿي. جسٽس مندوخيل جي شنوائي جاري رکڻ يا نه رکڻ تي ڪائي راءِ شامل نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button