اسلام آبادپاڪستان

پاڻي جي بجيٽ جي ڊي پي جو 15 سيڪڙو رکڻ گهرجي:خورشيد شاهه

اسلام آباد : پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير خورشيد شاهه قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته اسان جي آبادي تمام گهڻي آهي، پاڻي جي بجيٽ جي ڊي پي جو 15 سيڪڙو رکڻ گهرجي. جڏهن ته اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته جن وزارتن جي گريڊ 20 جا آفيسر اجلاس ۾ ناهن آيا انهن ادارن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جمعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدرت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي ۾ تبديلين لاءِ ڀارت پاران اطلاع نامي بابت محسن لغاري پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي خورشيد شاهه ٻڌايو ته ڀارت ان حوالي سان جڏهن اسان کي لکيو ته ان تي اسان هڪ ڊرافٽ ٺاهي فوري طور تي وزيراعظم کي اطلاع ڪيو. هي ڊرافٽ 90 ڏينهن ۾مڪمل ڪري موڪلڻو آهي، ان حوالي سان اڄ به هڪ اجلاس ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن معزز ميمبر چاهي ته هو اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح ان لاءِ وڌيڪ آهي جو اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال نه پيا ڪيون، اسان وٽ 130 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آهي ۽ اسان رڳو 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري رهيا آهيون. ڀاشا، ديامير ۽مهمند ڊيم جي ٺهڻ سان اسان 30 کان 35 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري سگهنداسين. منهنجي اسحاق ڊار کي به درخواست آهي ته هو ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ ايوان ۾ آڻي جنهن ۾ مطالبو هجي ته پاڻي جي ذخيرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ جي ڊي پي جو گهٽ کان گهٽ 15 سيڪڙو حصو رکيو وڃي. اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران عاليه ڪامران جي وفاقي گادي واري هنڌ جي اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر شازيه صوبيا چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ صحت سهولت ڪارڊ جي ڪري رش وڌي وئي آهي، پولي ڪلينڪ جو واڌ وارو منصوبو جي اليون ۾ ٺهي رهيو اهي. اميد آهي ته اسلام آباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ طبي سهولتن ۾ سڌارو ايندو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ رمضان شريف ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ملتوي ڪيو ويو. ان ڏس ۾ عاليه ڪامران ان حوالي سان نوٽيس ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن تي اسپيڪر لاڳاپيل وزير ۽ پارليماني سيڪريٽري کي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button