اسلام آبادپاڪستان

سهيل علي خان سڌ سما جو ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج مقرر

اسلام آباد :سهيل علي خان کي سڌ سما جو ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شاهيرا شاهد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ حڪومت سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات شاهيرا شاهد کي پنهنجي عهدي تان هٽائي سهيل علي خان کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انفارميشن گروپ گريڊ 22 هين جي شاهيرا شاهد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سهيل علي خان کي سڌ سما جو ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. انفارميشن گروپ گريڊ 21 هين جو سهيل علي خان ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مقرر رهيو آهي. ان کان اڳ هو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ جدي ۾ پريس قونصلر جا فرض پڻ نڀائي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button