پاڪستانعالمي

آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر تي فرد جرم لاڳو، ڊونلڊ ٽرمپ لوهه ٿي ويو

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو، مين هٽن جي گرينڊ جيوري ٽرمپ تي فرد جرم لڳائڻ جو فيصلو ووٽنگ کانپوءِ ڪيو، ٽرمپ ڏوهن ۾ ملوث هجڻ وارن الزامن کي منهن ڏيندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ جي مين هٽن گرينڊ جيوري جي 4 ميمبرن ان بنياد تي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فردم جرم لڳائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته هن ان معاملي تي خاموش رهڻ لاءِ هڪ اداري کي رقم ڏني، اهو آمريڪي تاريخ جو پهريون واقعو آهي جو ڪنهن موجوده يا اڳوڻي آمريڪي صدر کي فوجداري وارن الزامن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هوڏانهن ٽرمپ جي وڪيل موجب ٽرمپ ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي، اسان ان سياسي ڪيس جو عدالت ۾ ڀرپور مقابلو ڪنداسين. ٻئي طرف ٽرمپ تي فحش فلمن جي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز کي خاموش رهڻ لاءِ پئسا ڏيڻ جي الزام تحت فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد نيويارڪ جي پوليس کاتي پاران هڪ نوٽيس ذريعي سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تيار رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد نيويارڪ پوليس هاڻي اڳوڻي صدر جي حامين جي امڪاني احتجاجي مظاهرن کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪري رهي آهي. مقامي ميڊيا موجب نيويارڪ پوليس کاتي پنهنجي سمورن آفيسرن کي ڊيوٽي تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ پوليس اهلڪارن کي غيرمعمولي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جو حُڪم ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button