پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ ڊگري ڪاليج 13 سالن ۾ به تعمير نه ٿيو، ڪم 7 ورهين کان بند

مسڻ وڏي : مسڻ وڏي ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم 13 سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو، اپريل 2010ع ۾ منظور ۽ تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم 7 سالن کان بند آهي. اڳوڻي تعليم جي صوبائي سينيئر وزير پير مظهر الحق مسڻ وڏي سان تعلق رکندڙ جڳ مشهور ڊاڪٽر پروفيسر سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري جي دعوت تي اچي ڊاڪٽر حسين لغاري جي درخواست تي ڊگري ڪاليج جي منظوري ڏني ۽ پيڙھه جو پٿر رکيو. پي ايس 61 جي ايم پي اي امداد پتافي جي تڪ جي شھر ۾ اڃان تائين ڊگري ڪاليج جو ڪم ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب شهر ۽ ڀرپاسي جا نوجوان تعليم جي زيور کان محروم آهن. سنڌ ۾ 14 سالن کان پ پ حڪومت هئڻ باوجود شھر کي ڏنل پھريون پروجيڪٽ به صوبائي سرڪار مڪمل ڪرائي نه سگھي آهي. ٺيڪيدار ڪاليج جي عمارت جو ڪم 13 سالن ۾ 40 سيڪڙو به ڪرائي ناهي سگهيو. ڊگري ڪاليج ۾ پنج ڪمرن کي ڇتون لڳل آهن، باقي 10 کان مٿي ڪمرن جون ڀتون اڀيون ڪيل آهن. آڊيٽوريم هال جو ڪم به اڌ ۾ رهيل آهي، نه دريون لڳيون آهن، نه در لڳايا ويا آهن، نه ئي مٽي جي ڀرائي ٿي آهي، فرسٽ فلور جو ڪم به اڃا رهيل آهن. گٽر جي پاڻي ڪاليج جي ڀتين کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. رهواسين حاجي محمد فاروق لغاري، ايڊووڪيٽ محمد اڪرم لغاري، حاجي محمد اشرف، آزاد ملاح، ڏاڏو محمد علي ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت هئڻ باوجود سرڪار ڊگري ڪاليج جي مالڪي ناهي ڪئي، ان ڪري ڪاليج تعمير ناهي ٿيو، ڪاليج جي ڪم کي چار سالن ۾ مڪمل ڪرڻو هو، پر 13 سال گذرڻ باوجود ڪير نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي، 7 سالن کان ڪم بند آهي، جيڪو شهر جي ماڻهن ۽ نوجوانن سان وڏو ظلم آهي. هنن تعليم واري وزير سردار شاھه، ايم پي اي امداد پتافي ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کان مطالبو ڪيو ته ڊگري ڪاليج جي عمارت جو بند ٿيل تعميراتي ڪم جلد شروع ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪاليج ٺاهي تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button