اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول اگهن جي مد ۾ 58 رپين جو رليف کائي وئي

وفاقي حڪومت عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جون قيمتون لڳاتار گهٽجڻ باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن جي مد ۾ عوام کي ملندڙ 58 رپين جو رليف هڙپ ڪري وئي. مليل ڄاڻ موجب وفاقي حڪومت تيل جي عالمي اگهن مطابق عوام کي پيٽرول تي 58 رپيا في لٽر رليف فراهم ڪري پئي سگهي، ڇاڪاڻ ته گذريل 15 ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جو اگهه 72 ڊالر في بيرل تائين رهيو، ان حساب سان پاڪستان ۾ پيٽرول جو اگهه وڌ کان وڌ 230 رپيا في لٽر ٺهي ٿو پر هن وقت ڊيزل 293 في لٽر ۽ پيٽرول 272 رپيا في لٽر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button