بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ زلزلي جا لوڏا، گهر ڊهي پيو، 3 ٻارڙا دٻجي فوت، 5 ڄڻا زخمي

بلوچستان جي شهرن چمن، قلعا عبدالله ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل رات زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب گهر ڊهڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب بلوچستان جي علائقي چمن ۽ قلعا عبدالله ۾ گذريل رات 10 وڳي ڌاري زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب بلازئي پاڙي ۾ گهر جو ڪمرو ڊهي پٽ پئجي ويو ۽ ٽي ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي مطابق بلوچستان ۾ افغانستان سان لڳو لڳ سرحدي شهر چمن ۽ ٻين علائقن ۾ آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3 ڏهائي 5 هئي، جڏهن ته فوت ٿيل ٻارڙن جي عمر 8 کان 12 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button