بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ ايراني سرزمين تان ٻيهر حملو، پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد

بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ ايراني سرزمين تان دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن پاڪ- ايران سرحد وٽ جلگئي سيڪٽر تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن ۾ نائيڪ شير احمد، لانس نائيڪ محمد اصغر، سپاهي محمد عرفان ۽ عبدالرشيد شامل آهن. آءِ يس پي آر موجب دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪاروائي لاءِ ايران جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو پيو وڃي، مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪڻ لا ايران سان معاملا بحث هيٺ آندا ويندا. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله پاڪ- ايران سرحد تي سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وطن جي حفاظت لا پنهنجا سر گهوريندڙ جوانن کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد آهي، انشا الله هن ناسور جي پاڙ پٽينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button