پاڪستانپنجاب

حڪومتي اتحاد 3 رڪني بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، بائيڪاٽ جو فيصلو

حڪمران پارٽين جي اتحاد (پي ڊي ايم) سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ان جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿيل حڪومتي اتحادي جماعتن جي اجلاس جي پڌرائي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿيڻ گهرجن، اها اڻ ڌري، شفاف ۽ آزاد اليڪشن منعقد ڪرائڻ جي بنيادي دستوري گهرج آهي. حڪمران اتحاد جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن مطابق حڪمران جماعتن کي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري معاملي تي شنوائي ڪندڙ 3 رڪني بئنچ تي اعتماد ناهي، تنهن ڪري ان جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، اڳواڻن چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو تسليم نه ڪرڻ انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ اي ۽ حڪومتي اتحاد پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، چوڌري سالڪ حسين، مريم نواز ۽ ايم ڪيم ايم جو خالد مقبول صديقي پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم جي مدد لاءِ شاهد خاقان عباسي، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، عطا تارڙ، ملڪ احمد خان ۽ اٽارني جنرل به ويٺل هئا. اجلاس ۾ مُلڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ سُپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ ٻن صوبن ۾ چونڊن بابت صلاح مشورو پڻ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل هو. اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته هڪ ئي ڏينهن اليڪشن نه ڪرائڻ ملڪ کي تباهي آڻيندڙ سياسي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو، اها صورتحال ملڪ جي معاشي مفادن تي آپگهاتي حملي برابر هوندو، اتحادي پارٽين جو مطالبو آهي ته 4 رڪني اڪثريتي فيصلي کي مڃي هاڻوڪي عدالتي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اقليت جي فيصلي کي اڪثريتي فيصلي تي مڙهڻ چاهي ٿو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس روڪڻ جو حڪم ڏنو، ٽڪرا وارن عدالتي فيصلن جي نتيجي پيچيده صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، بدقسمتي سان هڪ انتظامي معاملي کي سياسي ۽ آئيني بحران بڻايو ويو آهي، معاشي، سيڪيورٽي، آئيني، قانوني ۽ سياسي معاملن کي نظرانداز ڪرڻ رياستي مفادن کان لاتعلقي جي برابر آهي، خاص مقصد ۽ هڪ پارٽي کي رليف ڏيڻ جي تڪڙ سياسي ايجنڊا لڳي رهي آهي، اها آئين، قانون ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جي به نفي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته جسٽس اعجاز الاحسن اڳيئي رضاڪاراڻي نموني بئنچ کان ڌار ٿي ويو هو، چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ جي بئنچن مان اٿندڙ اختلافي آواز ٻڌڻ گهرجن، حالتن جي اها گهرج آهي ته چيف جسٽس ۽ 2 ٻيا جج چونڊن واري ڪيس تان هٿ کڻي وڃن ۽ چيف جسٽس فوري طور تي سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس گهرائي ون مين شو وارو تاثر ختم ڪري. اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ مان اسان کي انصاف جا ڪائي اميد نه آهي، ساڳي بئنچ ويجهي ماضي ۾ اسان جي حڪومت خلاف ڪيئي فيصلا ڏئي چڪي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ مُلڪ جي سمورين پارٽين جي گڏيل ۽ متفقه مطالبو آهي جنهن کي تسليم نه ڪرڻ انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button