اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس ۽ ٻين 2 ججن کي اخلاقي طور ڪيس کان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

جمعيت علما اسلام ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي هن عدالت تي ڪو اعتماد ناهي، ڪجهه جج عمران خان کي رليف ڏيڻ چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ٻن ججن کي اخلاقي طور هن ڪيس کان ڌار ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ حڪومتي اتحادين جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ادارن کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڌانڌلي جا ٻه وڏا ڏوهي سرعام ڦري رهيا آهن پر انهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس نٿو ورتو وڃي، پي ڊي ايم کي ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ تي اعتماد ناهي، ان بئنچ ۾ هڪ جج اهڙو به آهي جنهن اڳ ۾ شنوائي کان معذرت ڪئي هئي ۽ پوءِ واپس اچي ويهي رهيو، اسان جي نظر ۾ اها بئنچ واضح طور تي ڌر بڻجي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي متحد رکڻ لاءِ چونڊون ضروري آهن، چيف جسٽس اسان کي نصيحت ڪري رهيو آهي ته گڏجي ويهو پر پاڻ پنهنجي ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو اٿائين، فل ڪورٽ جوڙي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button