پاڪستانپنجاب

90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته وري روڊن تي هونداسين:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي نڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ڪرايون ويون ته اسان روڊن تي هونداسين، مقرر مدي ۾ اليڪشن نه ٿي ته ملڪ ۾ آئين نالي ڪا شي باقي نه رهندي. زمان پارڪ لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ پهريان جڏهن پاڻمرادو نوٽيس ذريعي اسيمبلي بحال ڪئي تڏهن سوئو موٽو ٺيڪ هو ۽ هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ سوئو موٽو نوٽيس ذريعي اليڪشن چاهي ٿي ته هي ماڻهو پاڻمرادي نوٽيس ۽ سپريم ڪورٽ جي پٺيان پئجي ويا آهن، پنجاب ۽ پختونخوا جون ٽوڙيل اسيمبليون ڪهڙي قانون تحت بحال ٿي سگهن ٿيون؟ هن چيو ته صدر عارف علوي اسٽيلبشمينٽ ۽ اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪردار ادا نه پيو ڪري، مون شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي کي ٻين پارٽين سان رابطا بحال ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، پارٽي جي ڪنهن به ميمبر تي ٻين جماعتن ۽ سياسي شخصيتن سان ملڻ تي ڪا پابندي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا ڀارت سان دوستي ڪرڻ پيو چاهي، جنهن لا هن مون تي دٻا وڌو ۽ ان تان معاملا خراب ٿيا، باجوا خلاف فوج جي اندر احتساب ٿيڻ گهرجي، ميڊيا تي اسان جو مڪمل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا به ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button