پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور هائيڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس حلف کڻي ورتو

پشاور هائيڪورٽ جي تاريخ ۾ جسٽس مسرت حلالي پهرين عورت چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. جسٽس مسرت حلالي 8 آگسٽ 1961ع تي پشاور ۾ پيدا ٿي، خيبر لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1983ع ۾ وڪالت شروع ڪئي. جسٽس مسرت 2007ع ۾ وڪيلن جي تحريڪ ۾ به حصو ورتو، وڪيل هلچل ۾ گرفتاري دوران سندس ڄنگهه به ڀڄي پئي هئي. جسٽس مسرت حلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي نائب صدر هئڻ سان گڏ پختونخوا جي پهرين عورت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button