پاڪستانعالمي

شاهه سلمان شريفن تي مهربان، نواز ۽ شهباز کي عمري جي دعوت

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ملڪ جي هاڻوڪي وزيراعظم شهباز شريف کي سعودي شاهي خاندان رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ عمري لا اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ سندس گهرڀاتي 11 اپريل تي خاص اڏام ذريعي سعودي عرب ويندا، اڳوڻو وزيراعظم سعودي ۾ شاهي ڪٽنب جو مهمان هوندو. سعودي فرمان روا شاهه سلمان طرفان نواز شريف سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف کي به عمري جي دعوت ڏني وئي آهي. ذريعن موجب نواز شريف رمضان جا آخري ڏهه ڏينهن سعودي عرب ۾ گذاريندو ۽ ايندڙ هفتي سندس سعودي عرب روانگي جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button