سنڌ

حيدرآباد ۾ موٽرسائيڪل تي مفت سروس ڏيندڙ نوجوان کان ھزارين رپيا ڦر

حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل تي مفت سروس ڏيندڙ ٻن دوستن کان ڦورو رقم ڦر ڪري ويا. خبر موجب حيدرآباد ۾ رات جي وقت سواري لا پريشان ماڻهن کي موٽر سائيڪل تي لفٽ جي مفت سروس ڏيندڙ عاشق علي بڙدي کان اي ٽي ايم کان ڪجهه مفاصلي تي ڦر ٿي وئي. عاشق علي ٻڌايو ته مان گذريل رات گاڏي کاتي کان گهر ڳوٺ الهداد چنڊ وڃي رهيو هئس ته گڊز ناڪي جي علائقي هڪ مينار مسجد وٽ 2 نامعلوم هٿياربندن پسٽل جي زور تي مون کان اي ٽي ايم مان ڪڍرايل 34 هزار رپيا ڦر ڪري ورتا ۽ لوڊشيڊنگ جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. هن چيو ته حد جي ڦليلي پوليس ٿاڻي تي ڦر واقعي جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، مون کي ڦر ٿيل رقم واپس ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button