سنڌ

ڊاڪٽر بيربل جي قتل شڪ ۾ سندس اسسٽنٽ قرت العين گرفتار

ڪراچي ۾ ناليواري ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل ڪيس ۾ پوليس سندس اسسٽنٽ قرت العين کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن پوليس قرت العين جي ڀاءُ کي به گرفتار ڪيو هو، قرت العين ڊاڪٽر بيربل تي قاتلاڻي حملي وقت ساڻس گڏ ڪار ۾ موجود هئي، ۽ گولي لڳڻ سبب زخمي به ٿي هئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قرت العين ڊاڪٽر جي قتل بابت جيڪو بيان ڏنو آهي، اهو مشڪوڪ لڳي رهيو آهي، قرت العين جي موبائيل فون جو رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر بيربل جي وارثن قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو هو، ايف آءِ آر ۾ به قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي ڪردار کي مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي. پوليس موجب واقعي واري هنڌان مليل پستول جي خولن جي فارنزڪ رپورٽ اچي وئي آهي، جنهن موجب وارادات ۾ استعمال ٿيل هٿيار اڳ ڪڏهن استعمال نه ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button