پاڪستانپنجاب

چونڊون سڄي ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجن، آڪٽوبر کان اڳ ممڪن نه آهن:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف پنجاب ۽ پختونخوا ۾ آڪٽوبر کان پهرين چونڊن جو امڪان رد ڪندي چيو آهي ته مُلڪ ۾ چونڊون ضرور ٿيڻ گهرجن پر هاڻوڪي صورتحال ۾ اليڪشن ممڪن ئي ناهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سندس لاهور واري رهائشگاهه ماڊل ٽائون تي مسلم ليگ (ن) جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن ۽ سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص مددگار ملڪ احمد خان، اياز صادق، عطا تارڙ، احد چيما ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سُپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن بابت اڄ ٻيهر ٿيندڙ شنوائي بابت آگاهي ڏني، جڏهن ته شنوائي جي حوالي سان آئيني ۽ قانوني رُخن تي غور ويچار ڪيو ويو، فل بئنچ جي استدعا رد ٿيڻ جي صورت ۾ نظرثاني درخواست بابت پڻ قانون رخن تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ن ليگي اڳواڻن ججن جي اختلافي نوٽن بابت چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جو احترام ڪريون ٿا پر اختلافي نوٽ سان مونجهارو پيدا ٿيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ڏکيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون ٿين پر هاڻوڪي صورتحال ۾ چونڊون ممڪن نه آهن. اسان مُلڪ جي معيشت کي سڌارڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي لهر تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان تعميري سياست تي يقين رکون ٿا، هي وقت شرپسندي جو ناهي، سُپريم ڪورٽ جو احترام ڪريون ٿا پر ججن جي اختلافي نوٽ سبب مونجهارن جنم ورتو آهي. پرڏيهي فنڊن تي هلندڙ هڪ شخص سي پيڪ کي تڪراري بڻائڻ جو ڏوهه ڪيو، پاڪستان ۽ چين جي عظيم دوستي جي پٺي ۾ ڇرو هنيو ويو، ٻنهي مُلڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ هر نئين ڏينهن واڌ جي اميد آهي، چين جي قيادت ۽ عوام جي پاڪستان لاءِ محبت ۽ سهڪار کي وساري نٿو سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button