ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالھيار ضلعي جي عوام لا تعمير ڪيل شهيد بينظير ڀٽو بس ٽرمينل فعال نه ٿيڻ سبب زبون بڻجي ويو، انتظار گاهه سميت بس ٽرمينل جي مختلف حصن جون ڀتون ۽ ديوارون ڊهي پيون. ٽرانسپورٽ کاتي سميت ضلعي انتظاميا ڪو نوٽيس نه ورتو. ان سلسلي ۾ ٽنڊوالهيار ۾ عوام جي مطالبي تي 6 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل شهيد بينظير ڀٽو بس ٽرمينل 2 سال گذرڻ باوجود فعال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب برساتن ۽ انتظامي نااهلي سبب بس ٽرمينل جي انتظار گاهه، مسافر خاني ۽ ٻين حصن جون ڀتون ڪري پيون آهن ۽ چوديواري سميت مختلف ديوارون به ڊهي پيون آهن. بس ٽرمينل اجڙڻ ۽ تباهه ٿيڻ سبب ضلعي جا ٽرانسپورٽر دربدر ٿي ويا آهن. ٽنڊوالھيار ڪيريا شاخ تي اڳوڻي ڊي سي عبدالرشيد زرداري جي نگراني ۾ تيار ٿيل بس ٽرمينل 2 سالن اندر ئي برساتن جي سٽ نه سھندي زبون ٿي ويو. بس ٽرمينل جي فرش ۾ وڏا ڏار پئٔچي ويا آهن، ٽرمينل زبون ٿيڻ سبب ٽنڊوالھيار، ميرپوخاص ۽ حيدرآباد جي ڪوچن ۽ ڪوسٽرن جي مالڪن پنهنجون گاڏيون ٽٽل بس ٽرمينل ۾ بيھارڻ کان ضلعي انتظاميا کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد شھر جي مختلف علائٔقن ۾ ڪوسٽرون ۽ ڪوچون بيھاري مختلف روٽن تي ويندڙ مسافرن کي سوار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٽنڊوالھيار جي ٽرانسپورٽرن اختر جٽ، مسڪين قائٔمخاني، صفدر جٽ، حسنين ڪيريو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائٔيندي چيو ته 6 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل بس ٽرمينل ۾ 3 ڪروڙ رپين جو به ڪم نه ٿي سگھيو، ناقص مٽيريل جي استعمال سبب بس ٽرمينل جي چوديواري ڊھي پٽ ٿي پئي آهي، مٽي جي جا تي ڪچرو استعمال ڪرڻ سبب فرش ۾ ڏار پئٔجي ويا آهن، جنھن جو ذميوار ٺيڪيدار ۽ ضلعي انتظاميا آهي. ھنن وزيراعليٰ سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان بس ٽرمينل ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ ڪرايئي ٻيھر بس ٽرمينل کي تعمير ڪرائٔڻ جو مطالبو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close