پاڪستان

پاڪستان کي ترڪي بڻائڻو آهي يا ميانمار، سڀني کي فيصلو ڪرڻو پوندو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي يا ترڪيءَ جهڙو ٿيڻو آهي يا وري هڪ ٻيو ميانمار بڻجڻو آهي، ان بابت سڀني کي فيصلو ڪرڻو پوندو، اڄ اسان آئيني تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي پي ٽي آءِ جيان آئين، قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت سان گڏ بيهڻو آهي يا ڪرپٽ مافيا، جهنگ جي قانون ۽ فاشزم سان گڏ بيهڻو آهي. هن چيو ته ڪرپٽ ٽولي پاڪستان کي نقصان پهچايو، اڄ پاڪستان اهم موڙ تي بيٺو آهي، قوم کي فيصلو ۽ طئي ڪرڻو پوندو ته هو ڪنهن سان گڏ آهي. ٻئي طرف ڪارڪنن سان افطار ڊنر دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف وٽ رڳو پئسو آهي عزت ناهي، هي لنڊن ۾ گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي، جيڪڏهن پئسو خرچ ڪري عزت ڪمائي سگهجي ها ته زرداري ۽ نواز شريف وڌيڪ عزت وارا هجن ها، ڪنهن کي عزت ڏيڻ فقط الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button