پاڪستانسنڌ

لارجر بئنچ نه ٺهي ته ملڪ ۾ مارشل لا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ لارجر بئنچ نه ٺهي ته پاڪستان ۾ آئيني طور تي ايمرجنسي يا مارشل لا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪندي ته اها ملڪ جي اعليٰ عدليا ۽ انصاف ڪندڙ ادارو آهي يا ٽائيگر فورس بڻجڻ چاهي ٿي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته ماضي ۾ آمر آيا ۽ ان کانپو وچ ۾ به ڪيترائي اهڙا ڊڪٽيٽر آيا جن مان هڪ جنرل (ر) مشرف به هو، جنهن جو چيف پولنگ ايجنٽ عمران خان هو، ان دوران پاڪستان جي آئين ۾ جيڪي غير قانوني ۽ غير آئيني شقون شامل ڪيون ويون هيون ان 1973ع واري آئين کي صدر آصف علي زرداري بحال ڪيو ۽ 18 هين ترميم ذريعي قائد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جو آئين واپس ڏياريو، اسان کي ڪنهن اهڙي جماعت جنهن ۾ هر ڊڪٽيٽر جو اولاد آهي ته اها جماعت پي ٽي آ آهي، هر اهو شخص ۽ هر اها قوت جنهن جو ماضي غير آئيني ۽ غير جمهوري هو ۽ مستقبل به غير جمهوري ۽ غير آئيني هوندو، اهي پي ٽي آ ۾ شامل آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ به آئين جو دفاع ڪري ٿي، سڀاڻي به اسان آئين جو دفاع ڪنداسين. پ پ چيئرمين عدليا جي ورڇ تي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت عدليا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ملڪ ۽ قوم جي اڳيان آهي، آئون سمجهان ٿو ته ماضي جيان هاڻوڪي عدليا ۽ خاص طور انهن 3 ججن کي سوچڻو پوندو ته ڇا ٿي رهيو آهي، هي ڪو اليڪشن جو سوال نه پيو ٿئي، هي ڪو عام ٽرائيل نه هلي رهيو آهي، هي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ٽرائيل هلي رهيو آهي، جيڪا پنهنجي ڪردار سان اهو ثابت ڪندي ته اها ملڪ جي اعليٰ عدليا آهي، انصاف ڪندڙ ادارو آهي، آئين جو تحفظ ڪندڙ ادارو آهي يا اهي ٽائيگر فورس بڻجڻ چاهي ٿي، اعليٰ عدليا تي هينئر جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي، سياستدانن کي ته ڇڏيو، سينيئر ججن طرفان جيڪا تنقيد ٿئي پئي اها تاريخي تنقيد ٿي رهي آهي، ٽن ججن تي بي اعتمادي رڳو حڪومتي اتحاد کي ناهي، باقي ججن به انهن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي جيڪي هن بئنچ ۾ شامل نه آهن، ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته 9 ججن مان احتجاج ڪندڙ بئنچ ۾ وڃي 3 جج باقي بچيا آهن ۽ اهي 3 جج ڪير آهن، جڏهن ڪو جج اڳواٽ پنهنجو ذهن ڏيکاري ڇڏي ته ان لا اهو مناسب ناهي ته ساڳئي بئنچ جو حصو بڻجي، پوئين ڀيري جنهن جج اعجاز الاحسن تي اعتراض واريو هو ۽ هو بئنچ مان اٿي ويو هو ته پو هاڻي وري ساڳيو جج هن بئنچ جو حصو ڇو آهي؟ هن چيو ته چيف جسٽس تي جڏهن پنهنجا ئي جج بي اعتمادي جو اظهار ڪندي بئنچ کان ڌار ٿي ويا آهن ته آئيني طور ڪم اهو آهي ته هڪ لارجر بئنچ جوڙي وڃي، جنهن جو سمورا جج حصو هجن، سوا انهن ٻن ججن جي، جيڪي آڊيو ٽيپ ۾ پڪڙيا ويا آهن، جيڪڏهن فل بئنچ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ته اهو اسان اکين تي رکنداسين، پر هن سپريم ڪورٽ جو ماضي به اسان جي اڳيان آهي، آئون لاڙڪاڻي مان ڳالهائي رهيو آهيان، جيڪڏهن لارجر بئنچ نٿي ٺهي ته مون کي خدشو آهي ته خدانخواستا پاڪستان ۾ مارشل لا جهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿي، منهنجا جيڪي ذاتي خدشا آهن ته هي جيڪي انا جو مسئلو بڻائي ويٺا آهن ۽ لارجر بئنچ نٿا ٺاهين ته تاريخ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ياد رکندي پر ائين ياد رکندي ته هڪ اهڙو چيف جسٽس به هو جنهن 3 ججن کي ويهاري پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريت جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، اڄ به وقت آهي ۽ اڃا به مهل آهي ته سڀئي هوش کان ڪم وٺن، هي اسان سڀني جو پاڪستان آهي، اسان سڀني جو ڪردار اهڙو هجڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام جو ڀلو ٿئي، ان لا ضروري آهي ته اسان جا جج صاحبان لارجر بئنچ ٺاهي ان اهم سوال جو جواب ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن 3 ججن جو فيصلو هوندو ته ان جو اثر الڳ هوندو، جيڪڏهن فيصلو لارجر بئنچ جو هوندو ته ان جا اثر ٻيا هوندا، باقي جيستائين چونڊن ۾ دير ڪرڻ واري ڳالهه آهي ته اسان کي عمران خان جو ڪو فڪر ناهي، اسان عمران جو مقابلو ڪري سگهون ٿا ۽ کيس شڪست به ڏئي سگهون ٿا، پيپلز پارٽي شاهه محمود قريشي جو ملتان ۾ مقابلو ڪيو ۽ کيس شڪست به ڏئي چڪي آهي، ملير ۾ پيپلز پارٽي عمران خان کي به مات ڏني جيڪو اسان جي اميدوار سامهون پاڻ بيٺو هو. سنڌ جي مڪاني چونڊن جي 90 ڏينهن جو ته ڪنهن فڪر ئي ناهي، هڪ سال پهرين بلدياتي چونڊون ٿيون هيون ۽ اڄ به اسان جا اميدوار منتظر آهن ته اهي ميئر بڻجن، چيئرمين بڻجن تڏهن ته سپريم ڪورٽ کي ڪو خيال نه آيو. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ واري آهي تڏهن ڪنهن به اداري کي فڪر ناهي ته بلدياتي چونڊون ڪڏهن ٿينديون، آئون سمجهان ٿو ته ملڪ سان مذاق نه ٿيڻ گهرجي، اسان سمجهون ٿا ته چونڊون پنهنجي وقت تي، بهتر نموني، جمهوري انداز ۽ ليول پليئنگ فيلڊ تحت ٿيڻ گهرجن، پاڪستان جي سياست يرغمال بڻيل آهي، تخت لاهور جي سياست سڄي پاڪستان جي سياست کي يرغمال بڻائي ورتو آهي پر معاف ڪجو هن وقت ملڪ جو سڀ کان اهم اشو اهو ناهي، ٻوڏ متاثر اڄ تائين مدد جو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪير به اسان کي چوندو ته اسان جي ٻوڏ متاثرن جو جيڪو پئسو آهي، جيڪي پئسا انهن تي خرچ ٿيڻا آهن، اهي اسان انهن کان وٺي پهرين تخت لاهور جي ويڙهه تي اهي پئسا خرچ ڪيا وڃن ته اسان ان تي وڙهنداسين ۽ احتجاج به ڪنداسين. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ٻوڏ جي پاڻي ۾ اڃا تائين ٻڏل آهن ۽ جيڪڏهن انهن جو پيسو تخت لاهور تي لڳايو ويندو ته پوءِ اسين جهيڙو ته ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جو پهرين ته اسان ڪڏهن ٻڌو به نه هو پر هاڻي خبر پئي آهي ته رجسٽرار ته وڏو بااختيار آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي 3 رڪني بئنچ جو فيصلو اڏائي سگهي ٿو، ان مان ته عدالت ۾ آمريت وارو طريقيڪار نظر اچي رهيو آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ جا جج ئي چون پيا ته هتي ون مين شو آهي ته پو ان کان پهرين جو ٻيو ڪو قدم کڻي، بهتر هوندو ته چيف جسٽس ۽ ٻيا جج پنهنجي ڪورٽ جا معاملا ٺيڪ ڪري وٺن، لارجر بئنچ جوڙي وٺن، اها لارجر بئنچ ٺهندي ته اسان سڀ انهن جي فيصلن تي نه رڳو عمل ڪنداسين پر ان جو دفاع به ڪري سگهنداسين. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي عدل ۽ انصاف جي نظام تي ڪارو داغ ڪوٺيندي چيو ته ڀٽو خاندان جو هاڻي ٽيون نسل اعليٰ عدليا کان انصاف جو منتظر آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پ پ چيئرمين شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 44هين شهادت ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي گڏيل آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ پيو آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران انسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ لاءِ هڪ منٽ به نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڀٽو خاندان جي اڃا وڌيڪ ڪيترن نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو جي بيگناهي جي حق ۾ ايترا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي بدترين دشمنن کي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد عوام سان ظلم ٿيو، اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011 تي صدر آصف علي زرداري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد شنوائي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button