ڪلوئي: ڪلوئي جي يوسي سارهورڙ مسئلن جي ور چڙهي وئي خبر موجب ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڪلوئي جي قديمي ۽ تاريخي يوسي سارهورڙ جي مختلف ڳوٺن پاتار ڊڳاڇ ڪن ۽ رحمت الله اوڙينگ سميت مختلف ڳوٺ مسلسل مسئلن جو شڪار بڻيل آهن، جڏهن ته يوسي سارهورڙ ۾ هن وقت نه پيئڻ جو پاڻي، نه وري ڪنهن روڊ جي سهولت آهي. جڏهن ته پ پ دور ۾ ڏنل 4 ڊسپينسريون پڻ بند پيل آهن، جن کي تالا لڳل آهن، جڏهن ته هڪ اڌ ڊسپينسري هلي ٿي ته وري عملو نه ٿو اچي، جنهن ڪري علائقي واسين کي ڪنهن به قسم جو ڪو فائدو نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته يوسي سارهورڙ ۾ نئين ڀرتي ٿيل ڪيترائي استاد تعليم کاتي جي ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري ڊيوٽي تان غائب آهن ۽ اسڪول ويران پيل آهن. جڏهن ته اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ لڳڻ باوجود تعليم کاتي توڙي چونڊيل نمائندن نوٽيس ناهي ورتو. ان سلسلي ۾ رهواسين مولابخش لنڊ، الله بخش لنڊ ۽ ٻين تعليم کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته يوسي سارهورڙ ۾ تعليم جي تباهي جو نوٽيس وٺي تعليم تباهه ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي يوسي سارهورڙ ۾ سيڪريٽري به نٿو اچي، شناختي ڪارڊ ۽ ڄم لاءِ سرٽيفڪيٽ وٺڻ ايندڙ سوين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، حيدرآباد جي رهواسي نوجوان کي يوسي سارهورڙ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو مبينا طور هر مهيني 5 لک هڙپ ڪري پيو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سماجي اڳواڻ محمد خان لنڊ چيو ته يوسي سارهورڙ ۾ 80 سيڪڙو لنڊ ڪميونٽي رهي ٿي، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جي آفيسرن جي معرفت نوان ڀرتي ٿيل ڪيترائي استاد اسڪولن جو رڪارڊ کڻي گم ٿي ويا آهن، اهڙي عمل خلاف جلد هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او پرائمري محمد بچل هاليپوٽو چيو ته اسان کي يوسي سارهورڙ ۾ استادن جي نه وڃڻ جون شڪايتون مليون آهن، اسان ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ڊيوٽي نه ڪندڙ استادن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close