اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون،اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :سُپريم ڪورٽ جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب جي چونڊن لاءِ شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ٿينديون. ڪاغذن جي نامزدگي ۾ اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ ڏهه اپريل هوندي. نوٽيفڪيشن موجب اپيليٽ ٽريبيونل اپيلن تي فيصلا 17 اپريل تائين ڪندو ۽ اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 18 اپريل تي جاري ٿيندي. پڌرائي موجب ڪاغذن جي نامزدگي واپس واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 19 هين اپريل هوندي ۽ اميدوارن کي چونڊ نشان ويهه اپريل تي جاري ڪيا ويندا. ڪالهه جاري ڪيل تازي نوٽيفڪيشن ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 22 مارچ جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو پيو وڃي ۽ جزوي طور تي 8 مارچ جي نوٽيفڪيشن کي تبديل ڪري رهيا آهيون. نظرثاني ٿيل شيڊول تحت اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد يا منظور ڪرڻ جي ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 10 اپريل آهي. ياد رهي ته چار اپريل تي سُپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جون چونڊون 14 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button