اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد:حڪومت چونڊن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي قومي اسيمبلي ۾ هڪ ٻيو ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادي جماعتن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل هفتي اتحادين ۽ وڪيلن سان ويٺاسين، ڪابينا جون ٻه ميٽنگز ٿيون، ان کانسواءِ پارليامينٽ ۾ به گفتگو ٿي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي ريت ڪيس جي شنوائي ٿي، اهو سڀني جي سامهون آهي. هڪ ٺهراءُ اڳ ئي پاس ٿي چڪو آهي ۽ هڪ ٻيو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ٿيندو، ان حوالي سان قانون وارو وزير وڌيڪ ٻڌائيندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ سان اهڙو ظلم اڳ ۾ ناهي ڏٺو، ٽي رڪني بئنچ فل ڪورٽ جي اپيل کي رد ڪيو. سياسي جماعتن کي ڌر نه بڻايو ويو ۽ درخواست رد ڪئي وئي. حڪومتي اتحاد کي هڪ ٺوس شڪل ۾ سامهون اچڻ گهرجي ته جيئن سڄي قوم کي خبر پئي ته آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو آهي ته جهڙي طرح جي راند ڪئي پئي وڃي اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آيو. سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طرح ڪيس جي ڪارروائي هلي سڀني جي سامهون آهي، سموريون حالتون ۽ واقعا سامهون اچي چڪا آهن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽيون مشاورت سان اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي ٺوس فيصلا ڪنديون ۽ آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق تي پنهنجو موقف قوم آڏو رکنديون. وزيراعظم اجلاس ۾ موجود ۽ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ سمورن اڳواڻن کي ڀليڪار چيو. اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سردار اختر مينگل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هاڻي صحتياب آهي. هن سردار اختر مينگل جي گهرواريءَ جي صحت لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طريقي سان ڪيس جي ڪارروائي هلي اهو اسان سڀني جي سامهون آهي، ڪهڙي طرح چار ٽي جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح ريڪيوز ٿيندڙ ججز ٻيهر بئنچ ۾ ويٺا ۽ ڪهڙي طرح جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪالهه هڪ ڇهه رڪني بئنچ ويٺي، اهي سڀ ڳالهيون قانون واري وزير بهتر طريقي سان اسيمبلي ۾ به ٻڌايون آهن ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن پڻ ان تي جاندار ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا جي چونڊن جي حوالي سان فيصلي ۾ ٽي رڪني بئنچ چيو آهي ته ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ۽ هاءِ ڪورٽ به وڃي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ به قانون واري وزير، خواجه سعد رفيق، شيري رحمان، مولانا اسعد محمود عمده ڳالهيون ڪيون، اڄ موجوده صورتحال تي سياسي قائدين جي مشاورت جي لاءِ هي اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي مشاورت سان ٺوس فيصلا ڪري سگهجن ۽ پوري قوم کي خبر هجي ته هي جيڪو قانون ۽ آئين سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان بابت حڪومتي اتحادي پارٽين جي راءِ ٺوس شڪل ۾ سامهون اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button