اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هفتي دوران اٽي ۽ گيهه سميت 27 شيون وڌيڪ مهانگيون

اسلام آباد :ملڪ ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گذريل هفتي، هفتيوار بنيادن تي ٻڙي ڏهائي 92 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات واري کاتي جي انگن اکرن موجب 6 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ صارفين لاءِ قيمتون 252 ڏهائي 06 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ٻڙي ڏهائي 92 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ملڪ ۾ روزمرهه جي استعمال جي 7 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي، 27 جي قيمتن ۾ اضافو ۽ 17 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. جڏهن ته هفتيوار بنياد تي مهانگائي جي مجموعي شرح 44 ڏهائي 49 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان حوالي سان ٽماٽا، بصر، داليون، ايل پي جي، گيهه، کير، ڳڙ، اٽي سميت ٻيون شيون مهانگيون ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button