پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پٽيوالي جو ٻارن سميت ترقي نه ملڻ خلاف احتجاج

چمبڙ: چمبڙ ۾ ٽي اي او آفيس ۾ نائب قاصد طور ڊيوٽي ڪندڙ اشرف مڱڻھار ٽي اي او آفيس اڳيان پنھنجي معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو. ھن چيو ته نائب قاصد جي ڊيوٽي مان ترقي ماڻي جونيئر ڪلارڪ ٿيو آھيان، پر ڊي اي او سيڪنڊري ۽ پرائمري جي ملي ڀڳت سان منهنجو نالو لسٽ ۾ 9 مان 11 تي آندو ويو آهي، ايجوڪيشن آفيس ۾ ايجنٽ طور ڪم ڪندڙ ڌڻي بخش جسڪاڻي 30 هزار رپيا رشوت نه ڏيڻ تي سينارٽي لسٽ ۾ نالو 9 نمبر مان 11 نمبر تي آندو آهي، جيڪو ظلم آهي. ھن تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button