پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ مهاڻن جو ڍنڍن تي قبضن خلاف احتجاج

ورڪشاپ: ورڪشاپ ۾ هيڊ جمڙائو جي رهواسين ملاح برادري جي ماڻهن بااثر قبضا گروپ خلاف ڏتر ڏنو ملاح، امام بخش ملاح، شاھد حسين ملاح، محمد آچر ملاح، عطا محمد ملاح، روبينه ملاح، پروين ملاح، شبيران ملاح، ڪونج ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته قبضا گروپ جي ماڻهن علي گل ملاح، محمد جعفر ملاح، سچل ملاح ۽ ڪمال الدين ملاح ڍنڍون مقاطعي تي ڏئي ڇڏيون آهن، اسان کي مڇي مارڻ نه ٿي ڏني وڃي، اڇڙي ڍنڍ، ڊاگرا، بنڊن واري، توڳاچو ۽ گھوڙي واري ڍنڍن مان ابن ڏاڏن کان وٺي مڇي ماريندڙ آھيون. ھنن فشريز کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته بااثر قبضا مافيا خلاف ڪاروائي ڪري ڍنڍون مهاڻن حوالي ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button