پاڪستانسنڌ

سڪرنڊ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل، ٻيو زخمي

سڪرنڊ: سڪرنڊ ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ بھادر جوکيو ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري 25 ورھين جو نوجوان شير زمان رند قتل ٿي ويو. جڏھن ته محمد قابل رند سخت زخمي ٿي پيو. کڏھر پوليس ۽ وارثن ايمبولينس ذريعي لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن واليڏنو رند ۽ نور احمد رند ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ قلعي بخش رند ۾ 9 ايڪڙ زرعي زمين تي ڪاشف جوکيو ۽ ارشد عرف اشد جوکيو سان زمين جو تڪرار هلندڙ هو، جنھن جو فيصلو پڻ رکيل ھو ته ڪابه ڌر تڪراري زمين تي ھر نه ھلائيندي، جڏهن ته ڪاشف جوکيو ۽ ارشد عرف اشد جوکيو ھٿياربندن سان گڏجي ڄاڻايل تڪراري زمين تي ٽريڪٽر ذريعي ھر پئي ڏنا ته منع ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان شير زمان رند کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. ٻئي پاسي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال آھي. کڏھر پوليس چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا ھڻي رھيا آھيون. جڏهن ته تڪراري زمين تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button