پاڪستانسنڌ

سنڌين کي فلسطينن جيان پنهنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي: لال جروار

نوابشاهه: ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ ۽ لکين غير ملڪين کي ملڪ جي شهرين جهڙا حق ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ نوابشاهه پاران پريس ڪلب ۾ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ضلعي صدر امير مغيري، امتياز علي ڏاهري ۽ ٻين سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مٿان گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي، هڪڙي پاسي ڊجيٽل آدمشماري ذريعي ڌارين کي سنڌ جو شهري ڳڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻي پاسي وري محسن داوڙ ذريعي پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ويو آهي ته سمورن پرڏيهين کي ملڪ جي شهرين وارا حق ڏنا ويندا. ھنن چيو ته پرڏيهين کي سنڌ ۾ مستقل رهائش ڏيڻ وارو بل پيش ڪري پاڪستان ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي آمريڪي سامراجي سازش کي عملي جامو پهرايو ويو آهي، سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪري سنڌين کان زمينون ۽ وسيلا ڦري سنڌين کي فلسطينين جيان پنهجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته نيشنل رفيوجيز بل 2023ع ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڏنل سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ڪراچي ۾ افغانستان جا جهنڊا کڻي اچي روڊ بند ڪري غيرقانوني طور آيل پرڏيهين کي دهشتگردي ڦهلائڻ جي کلي ڇوٽ مليل آهي، جيئن ضياالحق جي سربراهي ۾ ضيائي ٽولي اسرائيلي فوج سان گڏجي معصوم فلسطينين مٿان حملو ڪري فلسطين کي ڌارين دهشتگردن جي حوالي ڪيو هو، فلسطين ۾ رتوڇاڻ ڪرائي فلسطينين مٿان ظلم ۽ جبر ڪندڙ عالمي سامراجي قوتون ضيائي ٽولي وسيلي سنڌي عوام جي نسل ڪشي ڪري سنڌ پرڏيهي دهشتگردن حوالي ڪري رهيون آهن، افغاني اسمگلر پاڪستاني اشرافيا کي خريد ڪري ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button