پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ پاران پيپلز پارٽي ڊجيٽل ميڊيا جي ڪارڪنن کي افطار پارٽي ڏني وئي

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي ڊجيٽل ميڊيا جو سربراهه پڻ آهي، ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پ پ جي ڊجيٽل ميڊيا جي ڪارڪنن کي افطار جي دعوت ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير محنت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني، صوبائي وزير شهلا رضا، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم نويد قمر، عاجز ڌامراهه ۽ پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ شهرن مان آيل پيپلزپارٽي ڊجيٽل جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عام طور تي ماڻهو وڏن ماڻهن جي اعزاز ۾ دعوتون ڏيندا آهن پر اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مون کي چيو ته مان پيپلزپارٽي جي نوجوانن جي اعزاز ۾ افطار جو انتظام ڪريان ۽ پيپلزپارٽي جي ڊجيٽل ورڪرن کي خاص مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏيان. ان ڪري اڄوڪي تقريب جا خاص مهمان هن هال ۾ موجود اسان جا سوين نوجوان ڪارڪن آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ انتشار ۽ نفرت پکيڙيندڙ قوتن جي حوصلا شڪني لاءِ پي پي ڊجيٽل جا ڪارڪن پنهنجي موقف جو ڀرپور ۽ باوقار انداز ۾ اظهار ڪندا ۽ پ پ ڊجيٽل جا ڪارڪن پنهنجي موقف جي اظهار وقت مخالف جي جنس ۽ عمر جو به خيال رکندا ۽ بدتميزيءَ جي جواب ۾ پنهنجي موقف کي استدلال ۽ تهذيب سان سٺن لفظن ۾ پيش ڪندا. هن چيو ته تمام جلد پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ورڪرز جا ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ شرڪت ڪندو.

هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات، ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جو ستون اجلاس سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ بي آر ٽي ييلو لائن جي منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪرسچن ڪالوني ۾ 11 ايڪڙ ايراضي تي 340 بسن جي بيهارڻ جي لاءِ بس ڊيپو جي تعمير جي سفارش ڪئي وئي. اطلاعات واري وزير هدايت ڏني ته بي آر ٽي منصوبي کي وقت تي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وﭸﻲ ۽ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ مستقبل جي گهرجن جو خيال رکيو وڃي. اجلاس ۾سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي حليم شيخ، ڊي آئي جي ٽريفڪ احمد نواز کان علاوه منصوبابندي ۽ ترقيات، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ميمبر سنڌ، چيئرمين پاڪستان ڪونسل آف آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانز ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button