اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس کي هٽائڻ لاءِ جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست

اسلام آباد : چيف جسٽس عطا بنديال کي هٽائڻ لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب اها درخواست مقامي وڪيل راجا سبطين خان طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس تي بدانتظامي جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي، تنهن ڪري چيف جسٽس کي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي. وڪيل اِها شڪايت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن ڪيس جي بنياد تي داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ چونڊن جو پاڻمرادو نوٽيس سبب تڪراري بڻجي وئي آهي. اها خبر عام آهي ته چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن ۾ گروپنگ قائم ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس گروپنگ کي نظر ۾ رکندي بينچ ٺاهي ته جيئن اڪثريت سان فيصلو اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button