غير درجه بندي

تضاد تي ٻڌل عدالتي فيصلن جو مسئلو ترت حل ڪيو وڃي: پيپلز پارٽي

پيپلز پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته آزاد ۽ منصفاڻين عام چونڊن لا سڀني اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرايون وڃن، آئين مطابق عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت گڏيل طور پ پ پ پارليامينٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي. اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، نويد قمر، رضا رباني، قمر زمان ڪائره، شيري رحمان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، شازيا عطا مري، فرحت الله بابر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ فرحت الله بابر چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڳالهين جا در بند ڪرڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه هوندو آهي، تنهن ڪري پارٽي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اتحادي حڪومت ۾ شامل سڀني پارٽين سان رابطو ڪري سياسي جماعتن ۾ ڳالهين جي نقطي تي هڪ گڏيل پوزيشن اختيار ڪئي وڃي، موجوده بحران جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان هڪ پراسرار ڳالهه اها آهي ته عدالت جو اقليتي فيصلو اڪثريتي فيصلي تي حاوي ٿي ويو، ان موقف جو قانوني، اخلاقي ۽ سياسي طور تي ڪو به جواز ناهي ۽ ان تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي، اها ڳالهه به تمام ضروري آهي ته عدليا جي ساک ۽ عزت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، تنهن ڪري ان لا اهو ضروري آهي ته عدليا جي تضاد وارن فيصلن جي مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته سڀني اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرايون وڃن جيئن آئين ۾ چيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button