پاڪستانسنڌ

ٻوڏ کانپو ملڪ ۾ ٻيهر پاڻي بحران، خريف ۾ سنڌ کي 37 سيڪڙو کوٽ جو خدشو

پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتن ۽ ٻوڏ کي ڪجهه مهينا مس گذريا آهن ته خريف جي فصل لا سنڌ ۽ پنجاب ۾ 37 سيڪڙو پاڻي کوٽ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪپهه ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ارسا چيئرمين اسجد امتياز علي جي صدارت هيٺ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ اتفاق را سان صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ لا ٽي درجاتي فارمولا کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي هن وقت به عمل جاري آهي. اجلاس ۾ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته پنجاب ۽ سنڌ خريف جي مند جي شروعات ۾ 27 سيڪڙو ۽ پڇاڙي ۾ 10 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته اجلاس ٻنهي صوبن وچ ۾ ڪنوينس نقصانن تي اختلاف ختم نه ڪرائي سگهيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ 1991ع جي پاڻي ورڇ معاهدي جي پيرا-2 تحت بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا مان پاڻي جي ڪٽوتي ۽ پاڻي ورڇ ۾ مليل ڇوٽ ختم ڪرڻ پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button