پاڪستانپنجاب

چيف جسٽس آئين ٽوڙيو آهي، استعيفا ڏئي هليو وڃي:مريم نواز

وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مريم نواز ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اختيارن جي غلط استعمال سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت جهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال عمران خان جي حمايت ۾ قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، ناليوارن ججن چيف جسٽس جي طرز عمل ۽ تعصب تي سنگين سوال اٿاريا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ تائين ڪنهن چيف جسٽس تي اهڙي قسم جا مس ڪنڊڪٽ جا الزام نه لڳا آهن، چيف جسٽس جو تحريڪ انصاف ڏانهن لاڙو واضح آهي، عمر عطا بنديال کي چيف جسٽس جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button