پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بدين جي رهواسي جو ساهرن جي زيادتين خلاف احتجاج

ميرپورخاص: بدين جي ڳوٺ سنگل چوڪ واسي ڳوٺاڻي مگھن ڪولھي پنھنجي والدين سميت ساھرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب ميرپورخاص پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته گذريل ڏينهن منھنجي غير موجودگي ۾ سھري ڪرشن ڪولھي، ڌنجي ڪولھي، دادو، ڌرمون، روپو ڪولھي ۽ ٻين گھر تي ڪاھه ڪري چيو ته آئون سندن نياڻي کي خوش نٿو رکان، جنهن بعد هنن منھنجي پيرسن والدين تي تشدد ڪيو ۽ ڏيڍ لک رپيا رقم کڻي گھرواري ماروي سميت چئن ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، هاڻ ڄاڻايل ماڻھو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. حد جي پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري. ڳوٺاڻي ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪري زال ۽ ٻار واپس ڏياريا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button