پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ 3 ڏينهن وارو ڪتابي ميلو، شهرين جي شرڪت

جهڏو: جهڏو ٽائون ڪميٽي ۾ روشني پبليڪيشن طرفان 3 ڏينهن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويوو ڪتابي ميلي جو افتتاح تر جي ناليواري علمي ادبي سگهڙ شخصيت فقير غلام حيدر لغاري ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ عوامي تحريڪ اڳواڻ اياز کوسو، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ سنڌو ڪلوئي، فقير سليمان لغاري، اياز لغاري، مصطفى هوت، وسيم يوسف راهمون، سهائي ڪلوئي، اسحاق ساگر ڀٽي، شاهد مجيد قائمخاني، اياز رضوي، قادر ڀنڀرو، گل سنڌي، عبدالرحمان ۽ شاهد ڪلوئي سميت تعلقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا سينٽر جهڏو جي صحافين پاران ڪتابي ميلو لڳائڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، شهر ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڪتابي ميلو لڳايو ويو آهي، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، ڪتابي ميلي ۾ مختلف موضوعن تي مشتمل هزارين ڪتاب رعايتي اگهن تي موجود آهن. هي هڪ وڏي علمي سرگرمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button