پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص جي جيلر ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 13 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل

ميرپورخاص: ميرپورخاص جيل ۾ پوليس جي سخت تشدد وگهي مارجي ويل قيدي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ نواب يوسف ٽالپر واسي چنيسر عرف ڏاڏو کوسو جو قتل ڪيس سيشن عدالت ميرپورخاص جي حڪم تي سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي قيدي جي ڀاءَ علي محمد ولد عبدالمجيد کوسو جي فريادي تي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او حق نواز جوڻيجو، سينٽرل جيل ميرپورخاص جي جيل سپرنٽينڊنٽ اسد علي رند، ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي اي ايس آءِ غلام قادر غوري، پوليس سپاهي زبير ميئو، سپاهي جميل ميئو، سپاهي حبيب الله هاليپوٽو، سپاهي اميد علي بزنجو، سينٽرل جيل جي سپاهي علي بهادر، سپاهي سليم رند ۽ سپاهي شاڪر سميت 3 نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. اڃان تائين گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ سينٽرل جيل ميرپورخاص ۾ پوليس جي سخت تشدد وگهي منشيات ڪيس جو انڊر ٽرائل قيدي ڪوٽ غلام محمد واسي چنيسر عرف ڏاڏو کوسو فوت ٿي ويو هو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ قيدي جي کاٻي ڪن جو پردو ڦاٽل هو ۽ سندس پيٽ اندر رت جي هڪ رڳ پڻ ڦاٽي پئي هئي. ٻئي پاسي قيدي جي جسم جي ٻين اندورني حصن ۾ نقصان سميت جسم جي مختلف حصن تي 12 تشدد جا ڌڪ ظاهر ٿيا هئا، ڊاڪٽرن لاش جا جزا وٺي چڪاس لا لمس ليبارٽري ڄامشورو اماڻيا آهن. مارجي ويل قيدي چنيسر عرف ڏاڏو کوسو جي ڀا علي محمد کوسو پٽ عبدالمجيد کوسو اهڙي درخواست سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ پڻ ڏني هئي، جنهن تي عدالت پرزائيڊنگ آفيسر ڪنزيومر پروٽيڪشن جڊيشل مئجسٽريٽ ميرپورخاص کي سول اسپتال جو دورو ڪري جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button