پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ سول جج ٻن اسڪولن ۾ پهتو، استاد ۽ عملو گم

ننگرپارڪر: هائي ڪورٽ سنڌ جي حڪم تي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ سڪندر علي جمالي ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو، سول جج جي دوري جي دوران هائير سيڪنڊري اسڪول مٺڙيو هاليپوٽا ۾ پرنسپال گل حسن سوڍو ٻن ڏينهن کان غير حاضر هو ، جڏهن ته پرديپ سبجيڪٽ انٽرني 21 ڏينهن کان غيرحاضر هو، جي ايس ٽي استاد ڪرشن لال هڪ مهينو 12 ڏينهن کان غيرحاضر هو ، جڏهن ته جونيئر ڪلارڪ اوم پرڪاش ڏيڍ مهيني کان گم هو. سول جج گورنمينٽ گرلس اسڪول ڏانوڌاندل جو دورو ڪيو، جتي مقرر ٿيل ماسترياڻي رتنا ٻائي 2 مهينا 27 ڏينهن کان مسلسل غيرحاضر هئي. سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ اهڙيون رپورٽون لاڳاپيل پرائمري ۽ سيڪنڊري جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن، سيڪريٽري تعليم سنڌ، پرائمري ۽ سيڪنڊري جي ڊائريڪٽرن توڙي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٿرپارڪر کي اماڻي ڇڏيون، جن ۾ سفارش ڪئي وئي ته مسلسل غيرحاضر رهندڙ استادن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪري رپورٽ عدالت کي پيش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button