اسلام آباد :صدر سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل واپس پارليامينٽ کي اماڻي ڇڏيو. صدر جي اعتراض کانپوءِ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس اختيار ۾ ترميم جو بل ٻيهر پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قانون موجب جيڪڏهن صدر ڪو بل نظرثاني لاءِ پارليامينٽ کي واپس موڪلي ٿو ته حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي بل منظور ڪرائي صدر کي موڪلي سگهي ٿي. جيڪڏهن بل جي ٻيهر منظوري کانپوءِ به صدر صحيحون نه ڪيون ته اهو بل 10 ڏينهن کانپوءِ پاڻ ئي ايڪٽ بڻجي ويندو. ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ موجب سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 جي حوالي سان صدر جي نڪتن ۾ ڪو وزن نه هو. پارليامينٽ ٻيهر بل کي اڪثريت سان منظور ڪندي. ٻئي طرف ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ ( پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 کي نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ کي اماڻي ڇڏيو. صدر عدالتي سڌارن بابت بل 2023ع آئين جي آرٽيڪل 75 تحت نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ کي اماڻيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ آهي ته سراسري طور بل پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي، بل قانوني طور تي هٿرادو ۽ اڻپورو هئڻ تي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. سندس خيال ۾ بل درستگي جي باري ۾ ڇنڊڇاڻ پوري ڪرڻ ۽ ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ واپس ڪرڻ مناسب آهي.
هن چيو ته آئين سپريم ڪورٽ کي اپيل، ايڊوائزري، ريويو ۽ شروعاتي اختيار شنوائي سان نوازي ٿو، ڄاڻايل بل آرٽيڪل3/184 عدالت جي شروعاتي ٻڌڻي جي اختيار بابت آهي، بل جو مقصد شروعاتي شنوائي جو اختيار استعمال ڪرڻ ۽ اپيل ڪرڻ جو طريقو فراهم ڪرڻ آهي. صدر سوال اٿاريندي چيو ته اهو خيال ساراهه جوڳو ٿي سگهي ٿو پر ڇا هن مقصد کي آئين جي قلمن ۾ ترميم کان سواءِ حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ سندس چوڻ هو ته تسليم ٿيل قانون ته اهو آهي ته آئيني قلمن ۾ عام قانون سازي ذريعي ترميم نٿي ڪري سگهجي، آئين هڪ اعليٰ قانون آهي ۽ قانونن جو پيءُ آهي، آئين ڪو عام قانون ناهي پر بنيادي اصولن، اعليٰ قانون ۽ ٻين قانونن کان مٿانهون قانون جو مجسمو آهي. صدر جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 191 سُپريم ڪورٽ کي عدالتي ڪارروائي ۽ طريقيڪار ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو. آئين جي ان قلمن تحت سُپريم ڪورٽ رولز 1980 ٺاهيا ويا جنهن جي منظوري پاڻ آئين ڪئي. هن چيو ته سُپريم ڪورٽ رولز 1980 تي سال 1980 کان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، انڪري ڇنڊ ڇاڻ ٿيل قانون سان هٿ چراند عدالت جي اندورني ڪارروائي، خود مختياري ۽ آزادي ۾ مداخلت ڪرڻ برابر ٿي سگهي ٿي. صدر چيو ته رياست جي ٽن ٿنبن جي اختيارن، طاقت ۽ ڪردار جي وضاحت آئين ئي ڪئي آهي، آرٽيڪل 67 تحت پارليمان کي آئين جو پابند رهندي پنهنجي طريقيڪار ۽ ڪاروبار کي منظم ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهڻ جو اختيار حاصل آهي. آرٽيڪل 191 تحت آئين ۽ قانون جو پابند رهندي سُپريم ڪورٽ پنهنجي ڪارروائي ۽ طريقيڪار کي ريگوليٽ ڪرڻ جا قاعدا ٺاهي سگهي ٿي، جڏهن ته آرٽيڪل 67 ۽ 191 ۾ هڪجهڙائي آهي. سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 67 ۽ 191 قانون ٺاهڻ ۾ ٻنهي جي خودمختياري کي تسليم ڪن ٿا، آرٽيڪل 67 ۽ 191 ٻئي ادارن کي اختيار ۾ مداخلت کان روڪين ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي موجب عدليا جي آزادي کي مڪمل تحفظ ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 191 کي دستور ۾ شامل ڪيو ويو، آرٽيڪل 191 تحت سُپريم ڪورٽ کي پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار کان ٻاهر رکيو ويو، پارليامينٽ جو قانون سازي جو اختيار به آئين مان ئي نڪتل آهي. هن چيو ته آرٽيل 70 وفاقي قانون سازي جي فهرست ۾ شامل ڪنهن به معاملي تي بل پيش ڪرڻ جي منظوري بابت آهي. صدر چيو ته آرٽيڪل 142 اي تحت پارليامنٽ وفاقي قانون سازي جي فهرست ۾ ڪنهن به معاملي تي قانون جوڙي سگهي ٿي، فورٿ شيڊول تحت پارليامينٽ کي سُپريم ڪورٽ کانسواءِ سمورين عدالتن جي اختيارن جي دائري ۽ اختيارن تي قانون سازي جو اختيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته فورٿ شيڊول تحت سُپريم ڪورٽ کي خاص طور تي پارليامنٽ جي قانون سازي واري اختيار مان خارج ڪيو ويو آهي، بل بنيادي طور تي پارليامنٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي ۽ بل کي انهن رخن تي مناسب غور ڪرڻ جي ضروت آهي.