اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد :وفاقي حڪومت جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ جي درخواست تي 10 اپريل تي ان چيمبر شنوائي ڪندو. واضح رهي ته وفاقي حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. صدارتي ريفرنس خارج ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي دور ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو داخل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button