اسلام آبادپاڪستان

عمران جي نااهلي خلاف درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشا خانا ريفرنس ۾ نااهلي خلاف درخواست 18 اپريل تي شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي اسيمبلي رڪن طور نااهل قرار ڏئي ڊي سيٽ ڪيو هو، ان سلسلي ۾ عمران خان هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. عمران خان جي درخواست تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي ميانوالي واري سيٽ تي چونڊون ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو هو. عمران خان طرفان نااهلي خلاف پٽيشن واپس وٺڻ لاءِ متفرق درخواست پڻ داخل ڪئي وئي هئي، عدالت پٽيشن واپسي واري درخواست شڪايت ڪندڙ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڇڏيا آهن.ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به ساڳي نوعيت جي درخواست سبب پٽيشن واپسي جي متفرق درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button