اسلام آبادپاڪستان

آمريتي جهلڪ وارو فيصلو آئين کي برطرف نٿو ڪري سگهي:جسٽس فائز

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آرٽيڪل 3/184 جي ڪيسن جون ڪارروائيون روڪڻ جو پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو فيصلو قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت ڪيس ۾ جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدليا جي وقار تي حرف آيو ته عوام عدليا تان اعتماد وڃائي ويهندي. سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي لارجر بئنچ جوڙڻ جي روسٽر تي صحيحون ڪيون، منهنجي فيصلي تي 6 رڪني بئنچ جوڙڻ جي آئين ۽ قانون ۾ اجازت نه هئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 29 مارچ جي حڪم کي 6 رڪني بئنچ ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي. 6 ججن جو فيصلو آئين جو متبادل نٿو ٿي سگهي، 6 جج تڪڙ ۾ گڏ ٿيا. 6 رڪني بئنچ ڪجهه منٽن ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي کي ختم ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪيسن جو فيصلو قانون موجب نه هوندو ته عوام جو عدليا تي اعتماد نه رهندو. سپريم ڪورٽ رجسٽرار عشرت علي 6 رڪني بئنچ جي روسٽر تي صحيحون ڪري مس ڪنڊڪٽ ڪيو.فيصلي موجب وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي واپس گهرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا، سپريم ڪورٽ رجسٽرار منهنجي فيصلي بابت سرڪلر جاري ڪيو. هن آرٽيڪل 3/184 جي فيصلي کي سرڪلر سان انڊو ڪري ڇڏيو، جڏهن اهو اندازو ٿيو ته رجسٽرار جو سرڪلر غير قانوني ۽ غير آئيني آهي ته 6 رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي ۽ 6 رڪني بئنچ جي سربراهه منهنجي نوٽ کي رد ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي نوٽ ۾ چيو آهي ته آمريت جي جهلڪ تي ٻڌل فيصلو آئين کي برطرف نٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف جسٽس فائز جو فيصلو عدالت جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button