پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿينديون، پٿر تي ليڪو سمجهو:گهرو وزير

گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته اها ڳالهه هاڻي پٿر تي ليڪو آهي ته پنجاب ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ جو ڪو حڪم ئي موجود ناهي ته پو ڪهڙي فيصلي جي تائيد ۽ پوئيواري ڪئي وڃي، جيڪڏهن شڪ شبهو باقي رهيو هو ته جسٽس اطهر من الله جيڪو تفصيلي اختلافي فيصلو ڏنو آهي، ان مان سڄي ڳالهه واضح ٿي وئي، جنهن نوٽيس تي بئنچ ٺاهي وئي، اها 3-4 سان خارج ٿي چڪي، هاڻي ان فيصلي جو ڪو وجود ناهي، 3 رڪني بئنچ جو فيصلو اقليتي آهي جنهن تي عمل نٿو ٿي سگهي، جسٽس اطهر من الله جي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن کي به پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، اقليتي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته چونڊن لا فوج دستياب نه هجي ته پنجاب پوليس ۾ ايتري صلاحيت ئي ناهي جو اها چونڊون ڪرائي سگهي، اها ڳالهه هاڻي پٿر تي ليڪو سمجهي وڃي ته 90 ڏينهن اندر پنجاب ۾ چونڊون نه ٿي سگهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button