پاڪستانپنجاب

اسد قيصر کانپو فواد چوڌري به حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن فواد چوڌري ۽ حماد اظهر چيو آهي ته صدر عارف علوي عدالتي سڌارن وارو بل واپس موڪلي چڱو ڪم ڪيو آهي، اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي ته هي قانون بڻجي سگهي ٿو يا نه، ڪنهن به اهم ميمبر جي هن ٺهرا تي صحيح ٿيل ناهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ملڪ جو ناڻي وارو وزير بهار ڪانفرنس ۾ نه وڃي ائين پهرين ڪڏهن به ناهي ٿيو، ورلڊ بئنڪ ۽ آ ايم ايف سربراهه ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت گڏجي ويهن ۽ اسان به ويهون ته هڪ ٻئي کي جڳهه ڏئي اڳتي وڌي سگهون ٿا، ڳالهه ٻولهه ئي اهو واحد رستو آهي، جنهن ذريعي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، ڳالهين جو هڪ بنياد آهي ته توهان کي اليڪشن جو حق تسليم ڪرڻو پوندو، ائين نه ٿيندو ته اسان چونڊون ڇڏي ڏيون ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪريون، توهان اسان سان گڏ ويهي چونڊن تي اسان جا جيڪي اختلاف آهن، انهن تي ڳالهه ٻولهه ڪريو ۽ راند جا اصول طئي ڪريو، پاڪستان جي مسئلن جو حل صرف نيون چونڊون آهن. واضح رهي ته پي ٽي آ طرفان فواد چوڌري کان اڳ اسد قيصر به حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button