لاهور:بابا گرو نانڪ ديو جي جي 552 هين جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت مان 3 هزار جي لڳ ڀڳ مرد ۽ عورت سک ياتري واگها بارڊر رستي پيدل پاڪستان پهچي ويا. ايوڪيو پراپرٽي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر عامر احمد مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو. ايڊشنل سيڪريٽري رانا شاهد، ڊپٽي سيڪريٽري عمران گوندل، پاڪستان سک گوردواره پربندڌڪ ڪميٽي جو اڳوڻو پرڌان سردار ستونت سنگهه، سردار اندر جيت سنگهه، سردار ويڪاش سنگهه، بورڊ ترجمان عامر حسين سميت ٻيا سک اڳواڻ ۽ بورڊ جا آفيسر ان موقعي تي موجود هئا. پاڪستان آمد تي سک اڳواڻن انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو. شرومني گورودواره پربندڌڪ ڪميٽي دهلي جي پارٽي اڳواڻ سردار بلونندر سنگهه جو چوڻ هو ته پاڪستان اسان جي گرو جي ڌرتي آهي ۽ اسان کي هن ڌرتي جي مٽي سان پيار آهي. ڪرتارپور راهداري کلڻ تي سک ياتري تمام گهڻو خوش آهن، پاڪستان ۾ اسان جي گورودوارن جي سار سنڀال جي جيتري تعريف ڪئي وڃي اوتري گهٽ هوندي. ايويڪيوپراپرٽي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر عامر احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرتارپور راهداري ذريعي ايندڙ سک ياترين کي خوش آمديد چئون ٿا. ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي فول پروف سيڪيورٽي سميت سڀ سهولتون مهيا ڪيون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close